15 جمعرات , نومبر 2018

عمران کي توهين جوڳي اشتهار تي نوٽيس جاري، فوجين کي مجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ جي ترديد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اشتهارن ۾ ٻين سياسي پارٽين جي لاءِ توهين جوڳي ٻولي جي استعمال تي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته پيمرا کي خط لکندي ڪنهن به پارٽي جي اهڙي قسم جا اشتهار  روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي پيمرا کي خط ۾ هدايت ڪئي آهي ته سمورن ٽي وي چينلن کي اهڙي قسم جي ٻولي وارا اشتهار نه هلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته چونڊ ايڪٽ 2017ع جي تحت پريزائيڊنگ آفيسر ئي چونڊ نتيجن کي مرتب ڪرڻ بعد لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن کي ان جي ترسيل جا ذميوار آهن، ان حوالي سان ميڊيا رپورٽن جي سختي سان ترديد ڪئي وڃي ٿي ته سيڪيورٽي اهلڪارن جو چونڊ نتيجن جي ترسيل ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ڪردار هوندو. ترجمان موجب سيڪيورٽي اهلڪارن جي لاءِ جاري ڪيل ضابطا اخلاق جي پيرا 14 موجب سندس ڪردار  رڳو ايترو آهي ته هو پولنگ اسٽيشنن تي پرامن ماحول فراهم ڪندا جيئن پريذائيڊنگ آفيسر آسان سان چونڊ نتيجن جي ترسيل اميدوارن يا سندن ايجنٽن جي موجودگي ۾ ڪري سگهي. اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشن تي فوجي جوان کي پهرين درجي جي مجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ واريون خبرون به بي بنياد قرار ڏنيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان 5 ايراني مغوي گارڊ بازياب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان اغوا ٿيل ايراني گارڊن مان 5 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے