21 بدھ , نومبر 2018

ليجنڊري اداڪارا مڌو بالا جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار مڌو بالا جي ڀيڻ مڌر ڀوشن سندس حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. مڌو بالا بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ سندس شمار خوبصورت ترين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. اداڪارا جو اصلي نالو ممتاز جهان بيگم هو، جنهن 9 ورهين جي عمر ۾ ئي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ڪيترين ئي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڪم ڪيو. ماضيءَ جي خوبصورت اداڪارا رڳو 36 ورهين جي عمر ۾ ئي 23 فيبروري 1969ع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. هاڻ مڌر ڀوشن پنهنجي ڀيڻ مڌو بالا جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڀيڻ جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ لاءِ ڪيترن ئي هدايتڪارن سان رابطي ۾ آهيان ۽ جلد ان حوالي سان حتمي فيصلو ڪنديس. هن چيو ته فلم ۾ مڌو بالا جي حياتيءَ جي هر پهلو کي سامهون آندو ويندو ۽ ڪوشش هوندي ته فلم ۾ حقيقت کي بيان ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے