22 جمعہ , فروری 2019

اينڊي رچرڊز پاڪستاني وومين ٽيم جو بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مقرر

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ آسٽريليا سان واسطو رکندڙ اينڊي رچرڊز کي قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ ۽ بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اينڊي رچرڊز ڪوئنز لينڊ فائر اينڊ برسبين هيٽ سان به هيڊ ڪوچ طور ڪم ڪري چڪو آهي ۽ کيس قومي ٽيم جي بيٽنگ ۾ بهتري لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. هو هلندڙ سال ٻاهرين ملڪن ۾ شيڊيول پاڪستان وومين ٽيم جي چئن اهم سيريزن ۾ مدد ڪندو. پي سي بي ترجمان موجب اينڊي رچرڊز وٽ وومين ڪرڪيٽرز سان گڏ ڪم ڪرڻ جو وڏو تجربو آهي ۽ اميد ته هو مقرريءَ دوران رانديگرياڻين جي بيٽنگ ۾ بهتري آڻيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي گورننگ باڊي, ڀارت تي پابندي لڳائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پلوامه حملي کان پوءِ ڀارتي ورلڊ لاءِ پاڪستاني شوٽرن کي ويزا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے