14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نصير آباد: ڳوٺاڻن پاران بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

Naseerabad: Residents of protest against the lack of basic issues of the villagersنصير آباد ڀرسان ڳوٺاڻن پاران بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ ونجهي کوسي ۾ محمد علي، علي نواز ۽ امداد کوسي سميت ٻين بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته سندن وڏڙن ۽ هنن سدائين پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي، پر پ پ جون ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ۽ ويون پر سندن بنيادي مسئلا حل به ناهن ڪيا ويا.

هنن چيو ته سندن ڳوٺ ۾ صحت، تعليم ۽ گيس سميت روڊ رستن جي سهولت ناهي، جنهن سبب هو ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم ٿي وڃن ٿا، ڪنهن به چونڊيل نمائندي سندن سار ناهي لڌي.

ڳوٺاڻن چيو ته سندن بنيادي مسئلا حل ٿيڻ تائين هو ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيندا…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے