19 پیر , نومبر 2018

مقبول ترين ليڊرن ۾ شهباز شريف پهرين ۽ عمران خان ٻئي نمبر تي: آمريڪي سروي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداري جي پاڪستان ۾ چونڊن جي حوالي سان ڪيل هڪ عوامي سروي ۾ حيرت جوڳي طور تي مقبول ترين پارٽي جي لاءِ مسلم ليگ ن ۽ شهباز شريف مقبول ترين اڳواڻ جي طور تي سامهون آيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت جو ڌڪ پهتو آهي پر نواز شريف جي خلائي مخلوق وارو نظريو عوام ۾ غير مقبول آهي. انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينيئن ريسرچ آمريڪي فرم گلوبل اسٽريٽيجڪ پارٽنر جي سهڪار سان چئني صوبن ۽ فاٽا ۾ ڪيل سروي دوران 3735 ماڻهن کان طئي ٿيل سوالن تي راءِ ورتي وئي جنهن جي بنياد تي تازي سروي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊ 2018ع جي حوالي سان دلچسپ انگ اکر سامهون آيا آهن. ملڪ جي اهم ترين عهدي وزير اعظم جي لاءِ 56 سيڪڙو راءِ ڏيندڙ شهباز شريف کي سٺو اميدوار سمجهن ٿا ان جي ابتڙ 37 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هو ان عهدي جي لاءِ مناسب اميدوار ناهي اهڙي ريت 46 سيڪڙو راءِ ڏيندڙ عمران خان کي بهتر وزير اعظم سمجهن ٿا پر 44 سيڪڙو جي راءِ ناڪاري آهي. سروي ۾  82 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن عام چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ واري عزم جو اظهار ڪيو آهي. وفاق ۾ 32 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن مسلم ليگ کي ووٽ ڏيڻ جي پڪي پهه ڪيو ويٺا آهن جڏهن ته 29 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن جو جهڪاءُ پي ٽي آءِ ڏانهن آهي اهڙي ريت 13 سيڪڙو راءِ ڏيندڙ پيپلز پارٽي ۽ 3 سيڪڙو ايم ايم اي کي ووٽ ڏيڻ جو اشارو ظاهر ڪيو آهي. پنجاب صوبي ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو مسلم  ۽ 31 سيڪڙو پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندا اهڙي ريت خيبر پختونخواهه ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو پي ٽي آءِ جي مٿي تي تاج سجائيندي ۽ 12 سيڪڙو مسلم ليگ جي حق ۾ ووٽ وجهندا. 35 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ماڻهن تحت سنڌ جو ميدان پيپلز پارٽي جي هٿ ۾ رهدنو جڏهن ته 18 سيڪڙو پي ٽي آءِ ۽ 10 سيڪڙو ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن. بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي 16 ۽ متحده مجلس عمل جو 12 سيڪڙو، پختونخواميپ کي 10 ۽ پي ٽي آءِ کي 8 سيڪڙو راءِ ڏيندڙ ووٽ ڏيندا. عوامي مقبولت ۾ شهباز شريف، عمران خان کان اڳتي نڪري ووي اهڙي ريت نواز شريف کي 47، شاهد خاقان عباسي کي 41، مريم نواز کي 40 ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي 38 سيڪڙو ماڻهن پسند ڪيو. ميٽرڪ کان گهٽ پڙهيل ماڻهن جي اڪثريت مسلم ليگ ن جي حامي آهي ۽ ميٽرڪ کان وڌيڪ پڙهيل ماڻهن جي اڪثريت تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان اليڪشن ۾ راءِ ڏيندڙن مان 35 سيڪڙو عورتون مسلم ليگ ن ۽ 27 سيڪڙو تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيڻ چاهن ٿيون جڏهن ته 25 کان گهٽ عمر جا 33 سيڪڙو ووٽ پي ٽي آءِ ۽ 29 سيڪڙو ن ليگ جا حامي آهن جڏهن ته 40 سالن تائين عمر جا 32 سيڪڙو ووٽر ن ليگ ۽ 28 سيڪڙو تحريڪ انصاف جا حامي آهن. سروي موجب 57 سيڪڙو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي کي سٺو قرار ڏنو جڏهن ته 40 سيڪڙو راءِ ڏيندڙ مسلم ليگ ن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهن. صوبن جي ڪارڪردگي کي ڏٺو وڃي ته هتي به مسلم ليگ ن جي پنجاب حڪومت سرفهرست نظر ايندي آهي 66 سيڪڙو ماڻهو شهباز شيرف  جي وڏي وزير طور ڪارڪردگي کي سٺو قرار ڏنو آهي ان جي مقابلي ۾ 57 سيڪڙو تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي کي سٺو قرار ڏنو پر 29 سيڪڙو ماڻهن خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي  کي ناقص قرار ڏنو. سروي موجب 25 سيڪڙو راءِ ڏيندڙ سمجهن ٿا ته بيروزگاري ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي جڏهن ته 14 سيڪڙو لوڊشيڊنگ ۽ 13 سيڪڙو ڪرپشن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو آهي. پاناما ڪيس ۾ نااهل قرار ڏيڻ مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف ادارن جي خلاف تڪرار نظريو اختيار ڪيو آهي جنهن جو اظهار هو جسلن ۾ به ڪندو رهيو آهي. 53 سيڪڙو ڏيندڙن نواز شريف جي خلائي مخلوق واري نظريي کي غلط قرار ڏنو پر 49 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن نواز شريف جي نعري ووٽ کي عزت ڏيو سان گڏ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے