20 منگل , نومبر 2018

وڪيلن طرفان 2 ڏينهن جي پگهار ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور سان تعلق رکندڙ وڪيلن ڊيم فنڊ ۾ چيڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ملازمن پنهنجي 2 ڏينهن جي پگهار ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي تعمير جي لاءِ قائم ڊيم فنڊ ۾ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ميان ثاقب نثار جي اپيل تي پاڪستان جي مختلف تڪن جيان وڪيل برادري به ڊيم فنڊ ۾ پنهنجو حصو جمع ڪرائڻ ۾ پيش پيش آهي. سپريم ڪورٽ جي 16 ۽ ان کان وڌيڪ گريڊ جي ملازمن پنهنجي 2 ڏينهن جي پگهار چيف جسٽس جي هدايت تي قائم ٿيل ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ملازمن طرفان هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي گريڊ 2 کان 15 تائين جا ملازم هڪ ڏينهن جي پگهار ڊيم فنڊ ۾ ڏيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے