18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: پليجي صاحب سڄي حياتي جمهوريت جي بحالي لاءِ ارپي ڇڏي: ڊاڪٽر جبار خٽڪ

Palijo left for restoring the life of democracy: Dr. Jabbar Khattatعوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ۽ نامياري صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته رسول بخش پليجو تاريخ اڏيندڙ شخصيت هو ۽ هن پنهنجي سڄي زندگي جمهوريت جي بحالي ۽ انقلابي تحريڪن لاءِ ارپي ڇڏي.

ڊاڪٽر جبار خٽڪ حيدرآباد پهچي ڊي ٽين پليجو هائوس تي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ نامياري دانشور رسول بخش پليجو جي وڇوڙي تي عوامي تحريڪ جي ڪامريڊ ساٿين ڏاڏا قادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار، اظهار دائودپوٽو، لال جروار، سومار هاليپوٽو، شوڪت سريوال ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي.

 ان موقعي تي ڊاڪٽر جبار خٽڪ پليجو صاحب جون يادگيريون ساريندي ٻڌايو ته هو جڏهن جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ايم آر ڊي وارن ڏينهن ۾ جيل ۾ هئا ته تحريڪ کي اخبارن ۾ ڪوريج نه ڏيڻ واري کوٽ کي محسوس ٿي هئي

سندس چوڻ هو ته اسان ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند خيالن جي ترجمان اخبار ڪڍڻ واري تجويز غور هيٺ آئي ۽ جيل جي ساٿين جي گڏيل صلاح ۽ مشوري سان ئي اڳتي هلي پروگريسو ۽ ترقي پسند خيالن جي نمائندا اخبار عوامي آواز جو بنياد رکيوسين.

 ڊاڪٽر جبار خٽڪ، رسول بخش پليجي پاران عوامي آواز ٽي وي ۽ اخبار کي ڏنل پنهنجي زندگي جي آخري انٽرويو جو ذڪر ڪندي چيو ته اها اسان جي اداري جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته پليجي  صاحب عوامي آواز اخبار کي انٽرويو ڏنو ۽ آفيس ۾ پڻ آيو، ان انٽرويو ۾ هن عالمي ۽ ملڪي صورتحال جو تجزيو پيش ڪري عالمي ۽ قومي طور تي فڪري رهمنائي ڪئي هئي.

 ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي سينيئر ساٿي، مرڪزي اڳواڻ ۽ رسول بخش پليجي سان زندگي جو وڏو عرصو جدوجهد ڪندڙ ڏاڏا قادر رانٽي چيو ته اڄ جڏهن جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن رسول بخش پليجو حيات هجي ها ته سڄي پاڪستان جي دوري تي نڪري پئي ها ۽ سمورين ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند پارٽين ۽ ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي منظم ڪري ميدان تي لاهي ها

هن چيو ته رسول بخش پليجو دنيا جو اهو عظيم اڳواڻ آهي جنهن زندگي جي آخري گهڻي تائين سياسي، نظرياتي ۽ فڪري ويڙهاند ڪئي، اڄ جي حالتن ۾ نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا رسول بخش پليجي جي نه هجڻ واري کوٽ محسوس ڪري رهي آهي.

ان موقعي تي عوامي آواز جو ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد جواد شاهه پڻ موجود هئا……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے