15 جمعرات , نومبر 2018

مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ناليوارو بينڪر حسين لوائي اسلام آباد منتقل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ناليواري بينڪر حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي جتي هن کان اعليٰ اختياريون وڌيڪ جاچ ڪنديون. ڪراچي ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اسٽيٽ بينڪ سرڪل ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ بعد کيس اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندڙ حسين لوائي ڪجهه سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪجهه جي لاءِ وقت گهري ورتو. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته حسين لوائي کي خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ هن وقت تائين جاچ بابت عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب حسين لوائي کي شام چار وڳي قومي ايئر لائن جي اڏامن کان اسلام آباد موڪليو ويو. حسين لوائي  ايف آءِ اي جي ٽيم سان گڏ اسلام آباد ويو جتي اسلام آباد ۾ اعليٰ اختيارين سندس مني لانڊرنگ ڪيس باب جاچ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے