17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو باگو: نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو  احتجاج

Tandobagho: Protest by heirs against the arrest of murderer*ٽنڊي باگي ۾ ڳوٺاڻن 21 ڏينهن اڳ قتل ٿيل  نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو .

ڳوٺ عبدالله چنڙ جي رهواسين مسمات جنا چنڙ، ٻارڙين آسيه، نصرت چنڙ، عبدالستار، گل حسن، عرس. جمن چنڙ،  فتح محمد ۽ ٻين پريس ڪلب ٽنڊوباگو اڳيان ٻئي ڏينهن به  بک هڙتال ڪئي .

 هنن الزام هنيو ته 21 ڏينهن اڳ چنڙ لند ۽ ڀيل برادرين ۾  ٿيل جهيڙي دوران  مارجي ويل فيض محمد چنڙ  جي قاتلن کي پوليس گرفتار نه ڪري رهي آهي .

 هنن ٻڌايو ته مک جوابدار نياز لنڊ ۽ ٻيا آزاد گهمي رهيا آهن  پر پوليس سندس خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري ۽ نه ئي پوليس طرفان  مارجي ويل نوجوان جو چالان پيش ڪيو ويو آهي.

 هنن الزام هنيوته ايس ايس پي بدين ۽ ٽنڊوباگو پوليس جوابدار ڌر سان ملي ڀڳت ڪري فيض محمد چنڙ جو خون لوڙهڻ چاهين ٿا.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽  آءِ جي سنڌ  کي اپيل ڪئي معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے