16 جمعہ , نومبر 2018

ڇا ڪنهن کان پڇاڻو گستاخي آهي، وڏن ماڻهن کان پهريون ڀيرو پڇا ٿي: نيب چيئرمين

In the case of NAB 56 Companies, the recommendation of the 23 officers to be included in the ECL has been recommendedڪوئيٽا(م ڊ) قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته اقتدار ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو پهريون ڀيرو جاچ کي منهن کي ڏئي رهيا آهن. ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو  ڪنهن انتقامي ڪارروائي جو حصو ناهي ۽ نيب کي چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي به ضرورت ناهي، ان جو نيب سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه ڪيو آهي ته ان کان پڇاڻو ڪيو ويندو، ان کي سياست نه چيو وڃي، نيب جون سرگرميون جهاد ۽ عبادت جي زمري ۾ اچن ٿيون. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته اقتدار ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن کان پهريون دفعو پڇاڻو ٿي رهيو آهي، اسان وٽ ڪيترائي ارباب اختيار اهڙا هئا جن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچو هو ته هنن کان رقم بابت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ جڏهن پڇاڻو ڪيو ويو ته ڪنهن چيو ته وڏو وزير هيس ۽ ڪنهن چيو هو ناڻي وارو  وزيرهو. کين آرام سان سمجهايو ويو ته هاڻ مغل دور گذري چڪو آهي، هاڻ هنن جو حڪم نٿو هلي سگهي، هاڻ توهان جو هر حڪم عوام جي بهتري لاءِ هئڻ گهرجي. جاويد اقبال چيو ته آخر ڪيستائين اسان جانورن جيان زندگي گذارينداسين، ڪرپشن ناسور ڪينسر آهي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے