16 جمعہ , نومبر 2018

نواز ۽ مريم نواز جي سڀاڻي آمد، ڇڪتاڻ جو امڪان

Helicopter was provided to NAB Lahore and the transfer of Maryam Nawaz's jails to Jailڪراچي (تجزيو: زلف پيرزادو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ورڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي مطلب هي ته هو جيل وڃڻ  لاءِ ذهني طور تيار آهن. ميڊيا تي اطلاع آهن ته نيب به نواز شريف ۽ مريم نواز کي هوائي اڏي تان ئي گرفتار ڪري هيليڪاپٽر  ذريعي اڊيالا  جيل پهچائڻ جي حڪمت عملي  تيار ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ن ليگي وري نواز شريف ۽ مريم نواز جو شاندار استقبال  ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي هوائي اڏي پهچڻ جي هدايت ڪريم ڇڏي آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته  سڀاڻي شام لاهور ايئرپورٽ جو منظر نامو ڪهڙو هوندو. جيڪڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪري هيليڪاپٽر ۾ اڊيالا جيل نيوويو ته پوءِ استقبال لاءِ هوائي اڏي پهتل ڪارڪنن جو رد عمل ڪهڙو هوندو ؟ جيڪڏهن ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ  شدت اختيار ڪئي  ته پوءِ يقيني طور ن ليگ جي چونڊ مهم احتجاج  ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ احتجاج پر امن رهيو ته  حالتون به معمول واريون هونديون ٻي صورت  ۾ صورتحال نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي ڇو ته پشاور ۾ اي اين پي جي چونڊ مهم واري  ريلي ۾ آپگهاتي  ڌماڪي  کانپوءِ اهي  سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ته ڪي ڌريون چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون آهن ۽ ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ابتدا ٿي چڪي آهي. مٿان وري جيڪڏهن ن ليگ جي احتجاج شدت اختيار ڪري ورتي ته پوءِ اليڪشن ملتوي  ٿيڻ واريون اڳ ڪٿيون سچ ثابت ٿي سگهن ٿيون جيڪو ملڪ ۽ عوام لاءِ سٺو سنئوڻ  نه هوندو ان ڪري ته ملڪ وجود ۾ اچڻ کانپوءِ لڳاتار وڏو عرصو مارشل لائن کي ڀوڳيندو رهيوآهي. هاڻ مشڪل سان گذريل 10 سال جمهوري نظام انتهائي ڪمزور شڪل ۾ جاري رهيو آهي. جيڪڏهن وري جمهوري نظام جي تڏا ويڙهه ٿي ته ملڪ سياسي ۽ معاشي طور انتهائي  پٺ تي هليو ويندو. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽  سياسي ڌرين ۽  موجوده حالتن ۾ انتهائي بردباري ۽ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ جمهوريت پٽڙيءَ  تان لهي وئي ته ملڪ، عوام ۽ سياسي ڌرين جو وڏو  نقصان ٿيندو. ڏسڻو آهي ته سڀاڻي لاهور ايئرپورٽ جو منظر نامون ڪهڙو ٿو جڙي ان کانپوءِ ئي جمهوريت، چونڊون وقت تي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت  صورتحال واضح ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے