16 جمعہ , نومبر 2018

کينجهو پوليس جو ڪارنامو! زمين تي قبضي جي الزام هيٺ نينگر گرفتار

ڏهرڪي (رپورٽ اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي ڀرسان کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير علي شر ۾ کينجهو پوليس شر برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري زمين تي قبضي ڪرڻ جي الزام ۾ ٽئين ڪلاس جي شاگرد بشير احمد شر پٽ سومار شر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، شاگرد جي پوليس هٿان گرفتاري ۽ زمين تي قبضي خلاف شر برادري جي منير احمد شر، شاگرد جي پيءُ سومار شر، ماءُ مائي سڪينه، مائي زادي، مائي منيران، مائي شازيه ۽ ٻين سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي منير احمد شر صحافين اڳيان دانهيندي الزام لڳائيندي چيو ته ڏهرڪي جي ڀٽو برادري جي بااثرن منهنجي ديهه سانيلو سروي نمبر 114/6 ٽي ايڪڙ 20 ويسا زمين تي کينجهو پوليس جي مدد سان زبردستي قبضو ڪيو آهي، ڄاڻايل زمين 2012ع ۾ پنهنجي مائٽن کان خريد ڪئي هئي،  کينجهو ٿاڻي تي اسان جي پنج ڄڻن سومار شر، منير احمد شر، جمعو شر، شبير شر ۽ وزير شر مٿان ڄاڻايل زمين تي قبضي ڪرڻ جا ٻه ڪيس داخل ڪيا آهن،پوليس گهرن مٿان چڙهائي ڪري منهنجي ڏهه ورهين جي ڀاءُ ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڀاءُ بشير احمد شر کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. بااثر ڀاءُ جي بازيابي لاءِ زمين تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن ڊي آءِ  جي سکر کان اپيل ڪئي ته ننڍي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي زمين تان قبضو ختم ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.  6

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے