15 جمعرات , نومبر 2018

نگران وزير اعظم جو عام چونڊن لاءِ سيڪورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ چئني صوبن جو دورو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم عام چونڊون کي پر امن ۽ شفاف طريقي سان ڪرائڻ جي باري ۾ سيڪورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ چئني صوبن جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ان ڳالهه جو فيصلو نگران وزير اعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي زير صدارت اجلاس ۾ ڪيو جو اربع تي امن امان جي حوالي سان وزير اعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير اعظم خان، قانون واري وزير سيد علي ظفر، وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد عامر، سيڪريٽري گهرو يوسف نسيم کوکر . ڊاريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورواحسان غني نيڪٽا جي نيشنل ڪو آرڊينٽر محمد سليمان، وزير اعظم جي نيشن ايڊيشنل سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ ٻين سينئر حڪومتي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عام چونڊون 2018 تي ملڪ اندر مجموعي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نگران وزير اعظم گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته هو پوري ملڪ ۾ سيڪورٽي انتظام وڌائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي هدايت جاري ڪري. وزير اعظم وڌيڪ مقامي انتظاميه قانون لاڳو ڪرڻ واري ايجنسيون کي به هدايت ڪئي هو مقامي سياسي قيادت سان رابطي ۾ رهن ته جئين انهن کي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ انهن جو تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان سيڪورٽي انتظام متعلق آگاهي ڪئي وڃي. ان موقعي تي وزير اعظم عام چونڊون کي پر امن ۽ شفاف طريقي سان ڪرڻ لاءِ سيڪورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي خاطر چئني صوبن جا دورا ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے