13 منگل , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ پنجن سالن بعد خواجه سعد رفيق جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ 2013ع جي عام چونڊن دوران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 125 ۾ مبينا ڌانڌلي بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. 2013ع جي عام چونڊن دوران قومي اسيمبلي جي اين اي 125 تان ليگي اڳواڻ سعد رفيق پي ٽي آءِ جي حامد خان کي شڪست ڏني. حامد خان شڪست قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چونڊ نتيجن کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل جي جج جاويد رشيد محبوبي 2015ع ۾ حامد خان جي چونڊ عذرداري تي اين اي 125 جي چونڊ نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏئي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. سعد رفيق فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ اليڪشن ٽربيونل جي جج جاويد رشيد جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. اڳوڻي ريلوي واري وزير جي اپيل تي تنهن وقت جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهيءَ ۾ اليڪشنل ٽربيونل فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو.  سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي بعد عظمت سعيد شيخ جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ خواجه سعد رفيق جي اپيل منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اهڙي نموني خواجه سعد رفيق 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي الزامن مان بري ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے