15 جمعرات , نومبر 2018

رپورٽ: نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي پنهنجي 21 سالگرهه ملهائي رهي آهي

Report: Malala Yousufzai Celebrating her 21st birthday*ملالا يوسفزئي اها پهرين نوبل پرائز جي وِنر آهي جنهن 17 ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ نوبل پرائز جو وڏو اعزاز ماڻيو.11 ورهين کان هوءَ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

پهريون هوءَ اسان جي ئي ملڪ ۾ ننڍن ٽي وي چينلن تي ڇوڪرين کي تعليم لاءِ سمجهائيندي هئي پوءِ پرڏيهه ۾ حوصله افزائي ڪندڙ  تقريرون ڪيائين. جيئن ته هوءَ طالبان جي علائقي جي رهواسڻ هئي جتي سڄو علائقو  طالبان جي قبضي ۾ هئو،اتي هوءَ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڳالهائيندي هئي.

ان جو نتيجو اهو نڪتو ته کيس گولي هڻي منهن بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،پر جيئن ته سچ جي راهه تي هلڻ وارو ڪڏهن به هارائيندو ناهي بلڪل اهڙي طرح ملالا به همٿ نه هاري ۽ مسلسل محنت سان اڄ به ڇوڪرين کي تعليم پرائڻ ڏي مائل ڪري رهي آهي.

ملالا يوسفزئي جو جنم 12 جولاءِ 1997 ۾ ٿيو.اڄ ڪلهه هوءَ ”دا ملالا فنڊ“ جي نالي سان هڪ فائونڊيشن  هلائي رهي آهي.ملالا يوسفزئي جن شخصيتن مان متاثر ٿي آهي انهن ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر،نيلسن منڊيلا ۽ قائداعظم محمد علي جناح آهن.نوبل پرائزکان سواءِ  به هوءَ ڪيئي ايوارڊ ماڻي چڪي آهي.

ملالا يوسفزئي جڏهن 15 ورهين جي هئي ته کيس تعليم جي عنوان سان تقرير لاءِ گھرايو ويو، تقرير کان پوءِ  واپسي تي جنهن بس ۾ هوءَ ويٺي اتي طالبان پڻ موجود هئا جن کيس مٿي ۽ ڳلي ۾ گولي هڻي قتل ڪرڻ چاهيو.پر حق سچ تي هلڻ وارو ڪڏهن به هارائنيدو ناهي هوءَ گولين لڳڻ باوجود بچي وئي.

ملالا پنهنجي 16هين  جنم ڏينهن 12 جولاءِ 2013ع ۾ گڏيل قومن ۾ خطاب ڪندي چيو ته تعليم پرائڻ هر ٻار جو حق آهي.ان کان پوءِ ملالا هڪ ڪتاب لکيو ”آءِ ايم ملالا: هائو ون گرل اسٽوڊ اپ فور ايجوڪيشن اينڊ چينج دا ورلڊ“.آمريڪا ۾ هي ڪتاب سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب ثابت ٿيو.علاج لاءِ هوءَ انگلينڊ ۾ هئي جتي هن پنهنجي تعليم جاري رکي.انگلينڊ جي اسڪول ۾ هڪ  استاد کيس گھرائي چيو ته پنهنجي ڏکي وقت ۽ ٿيندڙ حادثي جي باري ۾ شاگردن کي ٻڌاءِ.

ملالا جو پيءُ هڪ استاد آهي جيڪو طالبان جي ڌمڪين کا ن پوءِ به اسڪول ۾ پڙهائيندو رهيو.هن پنهنجي ڌيءُ کي به سٺي تعليم ڏني.هو کيس سمجهائيندو رهيو ته تعليم ڪيتري ضروري آهي ۽ علم بنا انسان جانور آهي.

ملالا جو سندس والدين تمام گھڻو  ساٿ ڏنو،اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملالا دنيا ۾ ڪاميابي ماڻي.

ملالا کي گولي لڳڻ جي ٻن ڏينهن بعد امن جو نوبل پرائز ڏنو ويو ، جڏهن ته ڊاڪٽرن کي ملالا جي حياتي جي اميد نه هئي.جهڙي طرح کيس گولي لڳي،ملالا جو بچڻ ناممڪن ٿي ويو پر والدين ۽ ٻين ماڻهن جي دعائن اثر ڪيو ۽ ملالا جي زندگي بچي وئي.

ملالا يوسفزئي هيرو ان لاءِ نه ٿي جو کيس گولي لڳي پر سندس هيرو ٿيڻ جو ڪارڻ هن جي بهادري آهي،جتي ڪير ڊپ ۾ طالبان جو نالو ناهي وٺندو اتي ملالا طالبان سان مخاطب ٿي تقريرون ڪيون، مشڪل حالتن ۾ به هن تعليم کي نه ڇڏيو ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي.

اڄڪلهه پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به 12 جولاءِ تي ملالا ڊي ملهايو ويندو آهي.کيس سڄي دنيا ۾ عزت ۽ شهرت ملي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے