18 اتوار , نومبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز کي هوائي اڏي تان ئي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

Nawaz Sharif and Maryam Nawaz decided to returnاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڏيهه واپسيءَ تي لاهور ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي ظفر خان چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف عدالتي فيصلو آيو آهي ته کين گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته سزا مليل شخص کي گرفتار ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته کين لاهور ۾ ڦرڻ ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت ۽ انتظاميه امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ نه ڏيندي. علي ظفر چيو ته امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين،نيب کي سهولت ملندي ته سڀ ڪجهه باعزت نموني ڪيو وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اهو غلط آهي ته مخصوص ماڻهن جو احتساب ڪيو پيو وڃي، نواز شريف ۽ مريم نواز کي فيصلي خلاف اپيل جو حق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي ابوظهبي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 176 رنسن جو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 249 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے