16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: پنوعاقل: ڳوٺاڻن پاران نينگري جي اغوا خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

panu aqil: The villagers protest against the kidnapping of the holy book* پني عاقل ۾ ڳوٺاڻن پاران نينگري جي اغوا خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ آدم گوپانگ جي  غلام حيدر، زاهد ۽ زرينا سميت مردن ۽ عورتن نينگري امام زادي جي اغوا خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته بااثر وڏيرو سندن گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور  تي سندن معصوم نينگري کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته هنن سلطان پور ٿاڻي تي نينگري جي اغوا رپورٽ داخل ڪرائي آهي، نينگري آزاد نه ٿيڻ سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن الزام هنيو ته سلطان پور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گاڏيءَ جي تيل لاءِ 25 هزار رپيا ورتا، پر هن بااثر وڏيري کان ڳري رقم  وٺي ڪيس لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته هو غريب هاري آهن، احتجاج تي بااثر وڏير کين ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، کين خدشو آهي ته ظالم وڏيرو سندن نياڻي کي قتل نه ڪري ڇڏي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري ۽ ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري سندن نياڻي آزادي ڪرائن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے