18 پیر , فروری 2019

نيوز: سکر: وڏي پٽڻي جي رهواسين جو بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

Sukkur: Protestants of elder son Pathan protest against not meeting facilities* سکر ۾وڏي پٽڻي جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ تي پ پ اميدوارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وڏي پٽڻي جي رهواسين محمد رمضان، مهرباني ميراني ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ تي پ پ اميدوارن خلاف احتجاج ڪيو.

رهواسين جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا چونڊيل اميدوار ووٽ وٺڻ بعد علائقن جو منهن ئي نٿا ڪن، رڳو چونڊن مهل کين تڪ ياد ايندو آهي..

هنن چيو ته صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻي سهولتون نه هجڻ سبب هو سخت ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته چونڊيل نمائندا 5 سالن ۾ به بنيادي مسئلا حل ناهن ڪري سگهيا، بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ سبب هو سخت پريشان آهن.

رهواسين جو چوڻ هو ته هن ڀيري هو انهن اميدوارن کي ووٽ ڏيندا، جيڪي علائقي جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده هوندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڏيجي: رمشا قتل ڪيس ۾ جرڳو ڪنهن ڪيو؟ نيٺ ڦاٽ ڦاٽي پيو…..

رمشا قتل ڪيس ۾ جوابدار اظهار وساڻ خلاف فتويٰ ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل بشير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے