11 منگل , دسمبر 2018

بااثر شخصيتن جي سامهون قاعدن ۽ ضابطن تي سمجهوتو نه ڪيو وڃي: نگران قانون وارو وزير

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران قانون واري وزير ملڪي ادارن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي بااثر شخصيتن جي سامهون قاعدن ۽ ضابطن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ رٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ قانون واري صوبائي وزير  ضيا حيدر رضوي پارليماني معاملن جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ نگران قانون واري وزير کي آفيسرن طرفان کاتي بابت بريفنگ ڏني وئي. ضيا حيدر آفيسرن جي بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير چيو ته وضح ڪندڙ ادارن ۾ 100 سيڪڙو ميرٽ هلندي آهي، ميرٽ جي لاءِ کاتن ۾ پاليسين جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پنجاب جي نگران گهرو وزير ضيا حيدر پارليماني معاملن جو جائزو وٺندي چيو ته  ڪرپشن ملڪ  جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، دارن ۾ رشوت ۽ سفارش کان پاسو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته قاعدن ۽ ضابطن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو وڃي پوءِ ڀلي سامهون ڪيتري به بااثر شخصيت ڇو نه هجي، نسلن کي نوازڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهر ڊاهڻ لاءِ نه چيو آهي، حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان ڪراچيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے