15 جمعرات , نومبر 2018

سستي سبزيءَ جا وڏا فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام طور تي ماڻهو ڦودني کي هڪ معمولي سبزي تصور ڪندا آهن پر اها سستي اگهه تي ملندڙ بهترين غذا آهي. ان خوشبودار سبزيءَ جي چٽڻي ڏاڍي پسند ڪئي ويندي آهي، جيڪا هاضمي لاءِ بهتر آهي، جڏهن ته ڦودني جو رائتو ته ذائقيدار ۽ طاقت بخشيندو آهي. بدهضمي، گئس ۽ وات مان بدبوءِ ختم ڪندڙ هيءَ غذا هڪ دوا به آهي. ان ۾ غذائي نالي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪجهه مقدار ۾ نشاستو ۽ گلوڪوز ٺاهيندڙ شيون به شامل آهن. اهي ماڻهو جن کي بُک ناهي لڳندي، کاڌي وقت موري، گوگڙو، گجر، صوف يا زيتون ڪنهن به هڪ غذا ۾ ايترو ئي ڦودنو گڏائي ان ۾ ليمي جي رس شامل ڪري سلاد ٺاهي کائي ته کين بُک جو احساس ٿيندو، جنهن سان اهي مناسب کاڌو کائي صحتمند رهي سگهن ٿا. جن عورتن کي ننڊ نه اچڻ جي شڪايت هوندي آهي، جيڪڏهن اهي ڦودني ۾ ساوا ڌاڻا ۽ بصر گڏائي استعمال ڪن ته انهن جي اها شڪايت ختم ٿي ويندي ۽ کين سڪون جي ننڊ ايندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دل جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ وارو اي سي جي طرح سمارٽ فون ايپ ايجاد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) دل جي دوري کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اي سي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے