16 جمعہ , نومبر 2018

اليڪشن ويجهي ايندي ئي احتساب سست ٿئي ته سٺو ٿيندو: اعتزاز احسن

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته قانون ۽ آئين جي موجب احتساب ضروري آهي، اليڪشن جي ويجهي ايندي احتساب سست ٿئي ته سٺو ٿيندو، چونڊ پاڻ هڪ احتسابي عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اعتزاز احسن چيو ته هارون بلور سياست جي ميدان چمڪندڙ ستارو هو، بشير بلو ڏکئي وقت ۾ دهشتگردي جي خلاف بيٺو رهيو. هارون بلور ايترو ئي بهادر هو جيترو بشير بلور هو. هن چيو ته هارون بلور جي شهادت جي باوجود اسفند يار ولي مثبت ڳالهه ڪئي، اي اين پي هن وق دهشتگردن جي نشاني تي آهي. اعتزاز احسن چيو ته شريف خاندان،  سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندو آهي پر ان کي ڪجهه ناهي چيو ويندو، هڪ ڀاءَ لاهور کان بسون ڀري موڪليون ٻئي استقبال ڪيو، بيبي شهيد پنج سال قيد ڪاٽي هئي. هن چيو ته شريف فيملي پنهنجو دفاع ناهي ڪيو ان ڪري سزا لازم هئي، شريف فيملي روزاني انهن اپارٽمنٽن ۾ ويندي رهندي آهي، هن جا ٻئي اشتهاري پٽ چون ٿا ته اسان برطانيا جا شهري آهيون اهي ڪهڙا پٽ آهن جيڪي پنهنجي پيءُ ۽ ڀيڻ کي پيشيون ڀوڳرائي رهيا آهن. اعتزاز احسن چيو ته شريف خاندان کي گهڻي رعايت ملي جنهن جو هي فائدو کڻڻ چاهن ٿا، هن وٽ گرفتاري ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي، شريف خاندان جي گرفتاري وقت فوج گهرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …