10 پیر , دسمبر 2018

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هٿياربند فوجن جي ڪوٽا بابت آفيس ميمورنڊم طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هٿياربند فوجن جي ڪوٽا بابت آفيس ميمورنڊم طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هٿياربند فوجن جي ڪوٽا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو 1991ع وارو آفيس ميمورنڊم طلب ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل يا ڪو ذميوار آفيسر عدالت جي مدد ڪري. جسٽس شوڪت عزيز صديقي پڇاڻو ڪيو ته ڇا آفيس ميمورنڊم کان سواءِ آرمڊ فورسز جي ڪوٽا جي لاءِ ڪا به آئيني منظوري آهي؟  فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي نمائندي چيو ته آفيس ميمورنڊم کان سواءِ آرمڊ فورسز جي ڪوٽا جي لاءِ ڪا به آئيني منظوري ناهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته آئين ۾ خلل وجهڻ جي لاءِ اهو دروازو کوليو ويو آهي، ڪيتري زيادتي ٿي آهي ته سي ايس ايس ٽاپر جي مٿان آرمڊ فورسز جو آفيسر ويهاريو ويندو آهي، ڇا سي ايس ايس جي ٽاپر کي ڪجهه مهينن جي لاءِ ڪپتان بڻائي سگهو ٿا، آرمڊ فورسز رڳو ٽاپ جا ٽي گروپ ئي ڇو جوائن ڪندا آهن اهو هڪ سوچ جو نتيجو آهي جيڪي سمجهن ٿا ته اسان دنيا جو هر ڪم ڪري سگهون ٿا. عدالت بچاءَ واري وزارت جي آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هڪ ڪپتان تيار ڪرڻ ۾ ڪيترا پيسا خرچ ٿيندا آهن؟ پر بچاءَ واري وزارت جي آفيسر ڪو به جواب نه ڏنو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪونگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے