15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: چمبڙ: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف علامتي جنازو ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

Chambar: protesters fired protest against water shortageچمبڙ ۾ پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف آبپاشي عملي جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.

بڪيراڻي سب ڊويزن چاڪر شاخ جي مرڪ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن آبپاشي عملي جو علامتي جناز ڪڍي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پڇڙي جي آبادگارن چيو ته شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سندن فصلن کي وڏي نقصان جو خدشو آهي، پاڻي کوٽ سبب کين وڏو معاشي نقصان ٿيو آهي، پاڻي بند ڪرڻ وارو سلسلو وڏي عرصي کان جاري آهي.

هنن چيو ته ايس ڊي او آبپاشي پاڻي غيرمنصفاڻي ورڇ ڪري کين پاڻي نه پيو ڏي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هوڏانهن پڇڙي وارن آبادگارن جي ٻي ٽولي آبپاشي عملي جي حمايت ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

انور رند، مير محمد ۽ ٻين آبادگارن جو چوڻ هو ته مرڪ لغاري سميت ٻين پڇڙي جي آبادگارن جو ٽولو آبپاشي عملي کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.

ٻي پاسي پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ڊي او عباس عمراڻي چيو ته هو شاخن ۾ پاڻي جي ورڇ قانون موجب ڪري رهيو آهي، آبادگارن جو هڪ ٽولو مخالف ۾ احتجاج ڪري اجائي واويلا  پيو ڪري………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے