17 ہفتہ , نومبر 2018

هاڻ نواز شريف کي مودي ۽ ٽرمپ به نٿا بچائي سگهن: چوڌري پرويز الاهي

گجرات(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي سينيئر اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ملڪ کي ڦريندڙ ڪيفر ڪردار پهچائڻ وارا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ مهم دوران ليبر ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هاڻ نواز شريف کي مودي ۽ ٽرمپ به نٿا بچائي سگهن. پرويز الاهي چيو ته اسان جي دور ۾ صنعتون هلي رهيون هيون، مزدو خوشحال هئا، پر شهباز شريف جو ڪو به منصوبو ڪامياب ناهي ٿي سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي دور جا عوامي مفاد جا منصوبا هن وقت تائين هلي رهيا آهن، آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ شريفن جو خاندان پڪڙيو پيو وڃي. چوڌري پرويز الاهي چيو ته الله ٻيهر موقعو ڏنو ته اسان گجرات ۾ ڪينسر اسپتال تعمير ڪرائينداسين ۽ عوامي خدمت جي مثال قائم ڪنداسين. ملڪ ڦريندڙ انجام تائين پهچڻ وارا آهن، هاڻ ڪو به ڏوهاري بچي نه سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …