18 اتوار , نومبر 2018

نواز شريف جي استقبال ويندڙ گڏهه هوندا: عمران خان

نارووال (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ائين اچي رهيو آهي، ڄڻ وڏو ميدان ماريو اٿائين، اڳوڻي وزيراعظم جي استقبال لاءِ ويندڙن ۽ گڏهن ۾ ڪو فرق ناهي، ن ليگ جو ڪو به باشعور ڪارڪن ايئرپورٽ تي نه ويندو. نارووال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف سڀاڻي ڏيهه موٽي رهيو آهي، جيڪي به ماڻهو کيس وٺڻ ويندا، انهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان ۾ ۽ گڏهن ۾ ڪو به فرق ناهي. هن چيو ته ن ليگ ڪارڪن کان جڏهن سندن ٻار پڇندو ته بابا توهان ايئرپورٽ تي ڪنهن کي وٺڻ وڃي رهيا آهيو؟ هو جواب ڏيندو ته مان نواز شريف کي وٺڻ وڃي رهيو آهيان، جيڪو وڏي محنت سان قوم جا 3 سئو ارب رپيا چوري ڪري ٻاهر کڻي ويو. سندس چوڻ هو ته شريف خاندان پنجاب تي 30 سال حڪمراني ڪئي پر هڪ اسپتال نه ٺاهي، جتي ان خاندان جي ماڻهن جو علاج ٿئي. عمران خان چيو ته نواز شريف رڳو ملڪ جو پئسو چوري نه ڪيو پر هن ملڪ مان سٺي ۽ خراب جو تصور به ختم ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري مان چوان ٿو ته جيڪو به سندس استقبال لاءِ ويندو، اهو گڏهه هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے