16 جمعہ , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن جي پيمرا کي ٽي وي چينلن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڪستان اليڪٽرونڪ اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چينلن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سياسي پارٽين طرفان هلندڙ اشتهارن جي معاملي تي چيئرمين پيمرا ۽ ٻين اختيارين چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا محمد ۽ ٻين ميمبرن کي بريفنگ ڏني. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب چيف اليڪشن ڪمشنر پيمرا چيئرمين کي حڪم ڏنو ته ٽي وي چينلن تي اشتهار مهم ۾ مخالف سياسي پارٽين جي لاءِ اڻوڻندڙ ٻولي استعامل ڪئي پئي وڃي، جن چينلن تي سياسي پارٽين جا اهڙا اشتهار هلي رهيا آهن انهن کي شوڪاز ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي پيمرا چينلن کي وارنگ جاري ڪري ڇڏي ۽ چيو آهي ته چينلن کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي پاسداري ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …