18 اتوار , نومبر 2018

اشتهاري مهم ۾ اليڪشن ڪميشن قانون جي ڀڃڪڙي تي 10 اميدوارن کي فائنل نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد انتظاميا اشتهاري مهم ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانون جي ڀڃڪڙي تي 10 اميدوارن کي فائنل نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اميدوارن کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي شق 23-26 جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪيا ويا. خانگي ٽي وي چينل موجب اسلام آباد انتظاميا اشتهاري مهم ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانون جي ڀڃڪڙي تي 10 اميدوارن کي فائنل نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، پڌرائي موجب اميدوارن کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي شق 23-26 جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اميدوارن کي 24 ڪلاڪن جي اندر قانون خلاف اشتهار هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن جي اندر اندر اشتهار نه هٽايا ويا ته ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويندو پوءِ ان تي اليڪشن ڪيمشن پاڻ فيصلو ڪندي، فائنل شوڪاز نوٽيس عمران خان، شاهد خاقان عباسي، اسد عمر، ميان اسلم، راجا خرم نواز، عمران اشرف، ڊاڪٽر امجد، سبط الحسن شاهه، طارق فضل چوڌري، افضل کوکر ۽ ٻين کي جاري ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …