18 اتوار , نومبر 2018

گرفتارين سبب شهرين جا آئيني حق چيڀاٽيا پيا وڃن: خرم دستگير

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خرم دستگير چيو آهي ته آئين شهرين جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيندو آهي، گرفتارين سبب شهرين جا آئيني حق چيڀاٽيا پيا وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته گوجرانوالا جو شينهن سڀاڻي هر صورت ۾ لاهور ايندو،  آئين شهرين کي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيندو آهي، وڏي قافلي جي صورت ۾ ڪارڪن لاهور ايئرپورٽ پهچندا، گرفتارين سبب شهرين جي آئيني حقن کي چيڀاٽيو پيو وڃي، نگران حڪومت جو مينڊيٽ رڳو چونڊ ڪرائڻ آهي، هن چيو ڀلي ڪيتريون به  گرفتاريون ڪيو پر عوام جي سربراهه نواز شريف جي محبت اسان جي دلين مان نٿي ڪڍي سگهجي، نواز شريف پهرين به ڪيترائي ڀيرا جيل ڀوڳيا آهن، اِهو هن لاءِ ڪو به نئون تجربو ناهي، نگران حڪومت ۽ نيب کيس پنهنجي ماءُ سان ملڻ جي اجازت ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے