17 ہفتہ , نومبر 2018

ملڪي سئنيما گهرن ۾ هالي ووڊ فلمون به ڏيکاريون وڃن: نمرا خان

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل نمرا خان چيو آهي ته جهڙي ريت پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ بالي ووڊ فلمون ڏيکاريون پيون وڃن، اهڙي ئي ريت هالي ووڊ فلمن جي به نمائش ڪئي وڃي. هڪ انٽرويو ۾ نمرا خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سئنيما انڊسٽري عروج ڏانهن وڃي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان سئنيما گهر ٺهي رهيا آهن پر اتي هالي ووڊ فلمن جي ڀيٽ ۾ بالي ووڊ فلمن کي وڌيڪ ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ عيد، آزادي ڏهاڙي ۽ ٻين تهوارن تي سئنيما مالڪن جي ڪوشش هوندي هئي ته هالي ووڊ جون اهڙيون فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وڃن، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي فيملين سان گڏ سئنيما گهرن جو رُخ ڪن پر هاڻ هڪ پاسي سئنيما مالڪن ۽ امپورٽرز جي خواهش آهي ته ڀارتي فنڪارن جون فلمون ڏيکاري وڌ کان وڌ پئسو ڪمائي سگهن، جڏهن ته ٻئي پاسي ڏسندڙن جو وڏو انگ هالي ووڊ فلمون ڏسڻ کان محروم آهي، جيڪي اڄ به ماضي جيان هالي ووڊ جي جديد ٽيڪنالاجي، ايڪشن، رومانس، ڪاميڊي ۽ هارر فلمون ڏسڻ چاهين ٿا، ان ڪري ضروري آهي ته جتي پرڏيهي فلمون امپورٽ ڪرڻ وارا ادارا ڀارتي فنڪارن جي فلمن کي امپورٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، اتي ئي وري کين هالي ووڊ جون بهترين فلمون به امپورٽ ڪرڻ گهرجن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranveer Singh-Deepika Padukone wedding: Here's a tarot card reading of how successful their marriage will be

دپيڪا پڊڪون جي شاديءَ بابت 6 ورهيه اڳ ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارا دپيڪا جي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے