13 منگل , نومبر 2018

نيوز: شهيد فاضل راهو تڪراري شخصيت نه هئي، هو هڪ بهادر  ۽ عظيم اڳواڻ هو: اسماعيل راهو

Shaheed Fazl rahu was not a dictatorial person, he was a brave and noble leader: Ismail rahuشهيد فاضل راهو تي ذوالفقار مرزا جي ڏنل بيان جي مذمت ڪندي فاضل راهو جي پٽ اسماعيل راهو چيو آهي ته شهيد فاضل راهو تڪراري شخصيت نه هئي، هو هڪ بهادر  ۽ عظيم اڳواڻ هو.

گولاڙچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ايس 74 تي بيٺل پ پ اميدوار محمد اسماعيل راهو چيو ته ذوالفقار مرزا ڪريل حرڪتن تي لهي آيو آهي، اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ بداخلاق ماڻهو ڳالهائيندا آهن.

هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته شهيد فاضل راهو خلاف ڳالهائڻ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽو خلاف ڳالهائڻ برابر آهي.

سندس چوڻ هو ته فاضل راهو  جنرل يحيٰ، ايوب ۽ ضياءَ جي يزيدي دورن ۾ به عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي، شهيد فاضل جي نظرئي سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر سندس اصول پسندي ۽ ايمانداري تي اختلاف نٿو ڪري سگهجي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے