17 ہفتہ , نومبر 2018

ڀارت ۾ مسلمانن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويندو آهي: تاپسي پنو جو اعتراف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمانن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويندو آهي. تاپسي پنو اڄڪلهه رشي ڪپور سان گڏ فلم ”ملڪ“ جي تيارين ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هوءَ هڪ وڪيل جو ڪردار نڀائي رهي آهي، جيڪا پنهنجي مسلمان فريادي تي غداري جو ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهندي آهي، ڇو ته کيس يقين هوندو آهي ته سندس ڪلائنٽ کي مسلمان هجڻ سبب ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي. فلم ۾ رشي ڪپور مسلمان شخص جو ڪردار نڀائي رهيو آهي، جنهن جي خاندان کي دهشتگردي جي الزام ۾ ڦاسايو ويندو آهي. فلم جي ٽريلر لانچنگ تقريب دوران تاپسي پنو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڀارت ۾ مخصوص مذهبن جي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويندو آهي، اهو سڀ ڪجهه پريشان ڪندڙ هوندو آهي، منهنجي ان فلم جو مقصد به اهو ئي آهي ته اهڙين شين کي وائکو ڪيان. سندس چوڻ هو ته ڪنهن نه ڪنهن ان معاملي تي ضرور آواز اٿارڻو هو ۽ اها ذميواري مون کنئي آهي، اها فلم منهنجي دل جي گهڻي ويجهو آهي، اميد ته اها ڏسندڙن کي ضرور پسند ايندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranveer Singh-Deepika Padukone wedding: Here's a tarot card reading of how successful their marriage will be

دپيڪا پڊڪون جي شاديءَ بابت 6 ورهيه اڳ ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارا دپيڪا جي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے