13 منگل , نومبر 2018

چور جو احتساب ڪيو وڃي: 25 جولاءِ تي حڪومت بڻائينداسين: جهانگير ترين

لوڌران(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين مارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته چور کي پڪڙيو وڃي، عمران خان ثبوت ڏئي نواز شريف کي جيل جو منهن ڏيکاريو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته چورن کي پڪڙيو وڃي،. پاڪستان جي تقدير تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، 25 جولاءِ تي پاڪستان تحريڪ انصفا سڄي ملڪ ۾ حڪومت بڻائيندي، عمران خان ثبوت ڏئي نواز شريف کي جيل جو منهن ڏيکاريو آهي، پاڪستان ۾ سموريون حولتون اميرن جي لاءِ آهن، هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت ميٽرو جو پيسو پنجاب جي شهرن تي لڳائي ها ته صوبي جو نقشو تبديل هجي ها، اسان جو هڪ ليڊر ۽ هڪ جهنڊو آهي جنهن جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، نااهلي کان پوءِ هاڻ منهنجو مشن عمران خان کي وزير اعظم بڻائڻ آهي، 25 جولاءِ تي پنهنجي ووٽ جي ذريعي ڪرپٽ ماڻهن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے