15 جمعرات , نومبر 2018

لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ، ميٽرو بس سروس معطل

Securities security in Lahore and Islamabad strictly suspended Metro bus serviceاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي وطن واپسي کان اڳ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاهور ۾ ميٽرو بس سروس به معطل آهي. لاهور جي مختلف شاهراهن تي وڏي انگ ۾ ڪينٽينر رکيا ويا آهن جڏهن سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري لاهور ايئرپورٽ پهچي وئي جتي شام سوا ڇهين وڳي تائين نواز شريف جي واپسي جا امڪان آهن. چيف ٽريفڪ آفيسر(سي ٽي او) لياقت ملڪ جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پلان تي ريلي کان اڳ عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ 200 کان وڌيڪ ٽريفڪ وارڊ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. سي ٽي او جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسافرن کي ايئرپورٽ تائين پهچائڻ لاءِ شٽل سروس فراهم ڪئي ويندي ۽ ايئرپورٽ تائين رڳو هوائي مسافرن کي وڃڻ جي اجازت هوندي. ميٽرو بس انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال سبب بس سروس بند رهندي، لاهور جي بتي چوڪ کان رنگ روڊ تائين پوليس مقرر آهي، جڏهن ڪينٽينر پڻ پهچايا ويا آهن، راوي ٽول پالازا تي قيدين کي کڻي ويندي پوليس وين پڻ پهچائي وئي.هوڏانهن روالپنڊي ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي آفيس سڪسٿ روڊ تي پوليس مقرر ڪندي قيدين جي وين پڻ پهچائي وئي. اهڙي طرح اسلام آباد ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن، ڪارگو ۽ ايئرلائن جي آفيسون بند ڪندي اهلڪارن جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. پشاور ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻ موٽروي ٽول پلازا تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ن ليگ جو صوبائي صدر امير مقام ريلي جي اڳواڻي ڪندي لاهور لاءِ روانو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے