16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشمير جي شهيدن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

Today the martyrdom of Kashmir is being celebrated today in the whole worldسرينگر /اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد توڙي والاريل ڪشمير  سميت اڄ سڄي دنيا ۾ ڪشمير جي شهيدن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي جڏهن ته حريت قيادت 13 جولائي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مڪمل شٽربند هڙتال ۽ مارچ جي اپيل ڪئي آهي. ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا جا ڪشميري هر سال 13 جولائي تي ڪشمير جي شهيدن جو ڏنهن ملهائيندا آهن ۽ 23 شهيدن کي خراج عيقيدت پيش ڪندا آهن. گهرن ۾ نظربند حريت قيادت 13 جولائي تي شهيدن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ مڪمل شٽربند هڙتال ۽ مارچ جي اپيل ڪئي آهي. ڀارتي فوجين رياستي دهشتگردي جي تازين ڪاروائين دوران ڪپوڙا ضلعي ۾ هڪ وڌيڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪپوڙا ضلعي ڀارتي فوج جو هڪ ڪمانڊو مارجي ويو. ڀارتي پوليس ياسين ملڪ جي حراستي ريمانڊ ۾ اڄ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن قابض انتظاميا ڄمون ريجن جي علائقي ڪٽهوعا ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري آصفه بانو جي بي حرمتي ۽ قتل ۾ ملوث 7 جوابدارن کي ڪٽهوعا جيل کان پنجاب جي گورداس پور جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے