19 جمعہ , اکتوبر 2018

سعد رفيق سميت ن ليگ جي ٻين اڳواڻن کي نظر بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب پوليس سعد رفيق سميت مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي نظر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا کانپوءِ وطن واپسيءَ جي موقعي تي لاهور ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. لاهور ۾ ڪيترن ئي هنڌن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس طرفان ليگي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. آءِ جي پنجاب پوليس ڪليم امام طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي خط جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي 7 اڳواڻن جي نظر بندي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي. خط موجب خواجه سعد رفيق، ميان مرغوب، بلال ياسين، خواجه عمران نذير، خواجه سلمان رفيق،ملڪ سيف الملوڪ ۽ وحيد عالم خان جي 30 ڏينهن جي نظر بندي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ن ليگي اڳواڻن سبب شهر ۾ امن امان کي نقصان ۽ ڀڃ ڊاهه جو خدشو آهي، ن ليگي ماڻهن جي تقريرن سان ڏڦيڙن جو به خدشو آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ حاجي بختيار کي سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي، سندس رهائشگاهه ٻاهران پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے