19 پیر , نومبر 2018

روزانو  هڪ نارنگي کائو ۽ اکين جي ”ميڪيولر ڊي جنريشن“ بيماري کان محفوظ  رهو

Eating a orange daily and eye-eyeed 'eye disease' of the eye is safeسڊني(ويب ڊيسڪ) هڪ تازي تحقيق ۾ موجب باقائدگي سان نارنگي واپرائيندڙ ماڻهو اڳتي هلي اکين جي نور کان محروم ٿيڻ جو سبب بڻجندڙ سڀ کان عام بيماري”ميڪيولر ڊي جنريشن“ کان محفوظ رهندا آهن. سائنسدانن اها ڳالهه 15 ورهين جي ڊگهي تحقيق  بعد ڪئي آهي. اها تحقيق آسٽرييا جي شهر ۾ ويسٽ ميڊ انسٽيٽيوٽ ڪئي آهي جنهن ۾ 50 ورهين کان وڏي عمر وارن 2000 ماڻهن جو 15 ورهين تائين سروي ڪيو ويو هو. انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن ٻڌايو ته هو رزانو هڪ نارنگي(اورنج) ضرور کائيندا آهن. ان سان اها ڄاڻ حاصل ٿي آهي ته روزانو هڪ نارنگي کائڻ سان وڏي عمر وارن مانمخصوص”ميڪيولر ڊي جنريشن“ جي بيماري جو خطرو 60 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي. يونيورسٽي آف سڊني ۾ قائم انسٽيٽيوٽ جي ماهر ۽ تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر باميني گوپي ناٿ چيو آهي ته نارنگي ۾ موجود خاص فليوي نوئيڊز اکين جي ڪيترن ئي بيمارين کان بچائيندي انهن جي حفاظت ڪندا آهن. باميني موجب انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته روزانو نارنگي نه کائيندڙ جي ڀيٽ ۾ روزانو نارنگي واپرائيندڙن ۾ ان بيماري جي شرح تمام گهٽ هئي جيڪو بلڪل واضح آهي. باميني چيو ٿو ته هن وقت تائين وٽامن اي، بي ۽ سي وغيرا تي ڌيان ڏنو ويو آهي پر فليوي نوئيڊز جي اهميت کي نوٽ نه ڪيو ويو هو. ان لحاظ کان اهو سروي تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. فليوي نوئيڊز جسم جي سوڄ گهٽ ڪندا آهن ۽ جسم کي بيمارين سان وڙهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. جيتوڻيڪ اهي ڪيترن ئي ميون ۽ سبزين ۾ هوندا آهن پر نارنگي ۾ ان جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي. آسٽريليا ۾ 50 ورهين کان وڏي عمر وارن ستن ڄڻن مان هڪ شخص کي ميڪيولر ڊي جنريشن جو خطرو هوندو آهي، جنهن هوريان هوريان اکين جي روشني ختم ٿي ويندي آهي، ان سبب آسٽريليا ۾ ڪيل اهو سروي تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انساني نڪ ۾ بيڪٽريا کان بچائڻ وارو مڪمل نظام دريافت

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ)ماهرن نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو هڪ اهڙو منظم نظام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے