21 بدھ , نومبر 2018

جاندار ڪردار واري فلم جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس:نيلم منير

The movie of the living creature, if you want to work, will definitely work: Nilim Munirلاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ سٺن موضوعن ۽ جاندار  ڪردارن واري فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس.  ميڊيا سان ڳالهائيندي نيلم منير چيو ته جڏهن هن  پنهنجي ڪيرئير پهرين فلم سائن ڪئي هئي ته ان جي عڪسبندي دوران ساٿي اداڪار احسن خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو. شروع شروع ۾ اسان کي ڪجهه پريشاني ٿي پر پوءِ احسن خان جيڪو منهنجو سينيئر  آهي ۽ تجربيڪار پڻ ، هن منهنجي رهنمائي ڪئي. انڪري فلم پنهنجي ڪارڪرگي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي. جن ماڻهن فلم ڏٺي، انهن طرفان ملندڙ موٽ منهنجي ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. اداڪارا چيو ته هن وقت اسان وٽ پڙهيل لکيل فلمسازن جو وڏو انگ موجود آهي. هي سمورا ماڻهو وڏي محنت ۽ دلچسپي سان فلمون پروڊيوس ڪرڻ ۾ لڳل آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن هي ماڻهو سٺن ۽ منفرد موضوعن تي فلمون ٺاهين ته اسان جي سنيما گهرن جون ويرانيون گهٽجي سگهن ٿيو. اداڪارا چيو ته هو سمجهي ته فلمساز ن کي رڳو  سٺن فلمن سان غرض هوندو آهي. پوءِ ڀلي ان ڪو نئون دنڪار ڪم ڪري ۽ يا ڪو سپر اسٽار. هوئين به اڄ جيڪي سپر اسٽار آهن، اهي به ته ڪڏهن نون فنڪارن طور ڪم ڪندا رهيا آهن. انڪري فلمسازن کي سٺي فلم ٺاهڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نيلم منير چيو ته سندس سڃاڻپ ڊرامن سان آهي، ڊراما ڪنهن به صورت ۾ نٿي ڇڏي سگهان. جيستائين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته هن وقت ڪنهن به هڪ شعبي جي چونڊ ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو. مونکي اداڪارا طور بس سٺو ڪم ڪرڻو آهي، پوءِ اهو ٽي وي تي هجي يا فلم ۾ .

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوٽو گرافر طرفان ڀاڄائي چوڻ تي دپيڪا پڊوڪون ٻهڪي پئي

ممبئي(شوبز نيوز) دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه تي ٻڌل بالي ووڊ جو دلڪش جوڙو گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے