21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڄامشورو: ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين جو احتجاج

Jamshoro: Protest against water shortage in village Abdullah Chaudhary*ڄامشوري جي ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين پاران احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن نعمت الله چانڊيو، غلام ياسين ڊمڪي، گهرام جمالي ،رمضان چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ٽائون چئيرمين لالا فيصل پٺاڻ وي ڊي اي چئيرمين جبل جمالي ملي ڀڳت ڪري ڳوٺ جو بلا جواز پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي .

هنن الزام هنيو ته سندن ڳوٺ جي حصي جو  پاڻي ٽينڪر مافيا ذريعي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

  هنن چيو  ته هو ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ جي پاڻي جي نعمت کان محروم آھن ،  پرامن احتجاج ڪرڻ تي مٿن  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون  ڌمڪيون ڏنيون ويون .

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے