20 منگل , نومبر 2018

ڊيمن جي تعمير، فنڊنگ لاءِ ايس ايم ايس سروس متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير جي حوالي سان فنڊنگ لاءِ ايس ايم ايس سروس متعارف ڪرائي وئي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان ٻنهي ٽيمن جي تعمير لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پنهنجي طرفان 10 لک رپيا چندو به ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل فنڊز ۾ چيف جسٽس عوام کي چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي، جنهن جو سلسلو جاري آهي ۽ پاڪ فوج سميت ٻين ادارن جي ملازمن ڊيمن لاءِ پنهنجون پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ طرفان فنڊنگ لاءِ ايس ايم ايس جو سولو طريقي ڪار به متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت موبائل واهپيدار ميسيج سروس ذريعي 10 رپيا ڊيمن جي اڪائونٽ ۾ چندو ڪري سگهندا. سپريم ڪورٽ جي پريس رليز ۾ سولو طريقي ڪار ٻڌايو ويو آهي، جنهن موجب ميسيج ۾ ”ڊيم“ لکو ۽ 8000 تي موڪلي ڇڏيو، ڪجهه دير کانپوءِ توهان کي تصديقي ميسيج وصول ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبي: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل، هڪ زخمي

سبني (ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ اڻڄاتل هٿياربندي جي فائرنگ ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے