14 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ: سيتاروڊ : بنيادي سهولتن جي کوٽ، رهواسي تڪليفن جو شڪار

Seeta road: The Cottage Supervisor, Leisure Breeding Huntپاڻي کوٽ، مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار سنڌ واسي بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب عذاب واري زندگي گذاري آهن.

مختلف شهرن جيان سيتاروڊ جا رهواسي به پاڻي کوٽ، روڊ رستا نه هجڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي شهرين جو چوڻ هو ته بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب هو سخت پريشانين جو شڪار آهن، گذريل ڏهن سالن کان سندن علائقي ۾ڪو به ترقياتي ڪم مڪمل ناهي ٿيو.

شهرين جو چوڻ آهي ته هو ورهيه وهامي ويا پر شھر جو ترقياتي اسڪيمون اڌ ۾ رهيل آھن، روڊ رستن جي تعمير ناهي ٿي جڏهن ته اسپتالون بي لاڀ بڻيل آهن……..

رهواسين جو چوڻ آهي ته هو مسئلن بابت دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھن پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

علائقي واسين چتاءُ ڏو آهي ته جيڪڏهن سندن مسئلا جلد حل نه ڪيا ويا ته هو چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪندا…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے