15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: هالاڻي: چور 8 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار،احتجاج

Halani: Protest against thief for stealing from 8 shops, things worth lacks*هالاڻي ڀرسان بهلاڻي شهر ۾ هڪ ئي رات ۾ چور 8 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.

 اڻڄاتل چور 8 دڪانن اختر علي ڪميونيڪيشن، بابر ڪولڊ ڊرنڪ ڪارنر، وڪيل غلام مصطفيٰ ڪريانا، اڪبر اليڪٽرڪ اسٽور سميت ٻين دڪانن جا تالا ٽوڙي هڪ موٽر سائيڪل، ڪمپيوٽر، ايل سي ڊي، 22 هزار ڪيش سميت سمورو سامان کڻي فرار ٿي ويا.

ان موقعي تي متاثر دڪاندارن عبدالجبار سهتي، اڪبر شيخ، بابر ، رحمت ۽ ٻين احتجاج بعد ميڊيا آڏو دانهيو تھ بهلاڻي شهر ۾ هڪ ئي رات ۾ چور 8 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي ماليت جو سامان کڻي ويا آهن.

هنن چيو تھ سندن لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هو غريب ماڻهو آهن چورن ظلم ڪيو آهي.

هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ اختيارين  کان مطالبو ڪيو تھ   چورن خلاف ڪاروائي ڪري سندن سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے