20 منگل , نومبر 2018

نيوز: احمد پور: کجين جو  بمپر فصل پچي راس ، علائقي ۾ ميلي جا منظر

Ahmedpur: Dates trees grows early, people happy*احمد پور  ويجهو خيرپور ضلعي ۾ کجين جو  بمپر فصل پچي راس ٿي ويو،  ملڪ جي مختلف هنڌن کان مزدوري  سانگي هزارين ماڻهو پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.

خيرپور ضلعي جي احمد پور، صدر جون ڀٽيون ، هادل شاھ  پيرجو ڳوٺ  ،  ڪوٽ مير محمد،  رپڙي ، باگو ڦلپوٽو نوراجا ،پريالوءِ ، ٻٻرلو،  ٺيڙهي ، مهيسر وڏا ، ڪولاب جيئل ، ٽنڊو مستي ، ڪوٽڏيجي گاگڙي، ماڇيون ، شالڌاڻي، بخشو واهڻ سميت ٻين علائقن ۾ هڪ  لک ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي کجين جوفصل بيٺل آهي.

هرسال جيان کجي جو فصل پچي راس ٿيڻ کان پوءِ  واڍي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته هزارين  پورهيت ڪم ۾ لڳي ويا آهن.

زراعت کاتي پاران آبادگارن کي ڪي به سهولتون نه ڏنيون ويون آهن جنهنڪري آبادگار پنهنجي مدد پاڻ تحت فصل سان محنت ڪري سٺو فصل اپائين ٿا .

برسات پوڻ سبب فصل تباھ ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو  نقصان پوندو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے