20 منگل , نومبر 2018

شهباز شريف، حمزا شريف سميت ٻين خلاف ڪيس داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب پوليس بنا اجازت ريلي ڪڍڻ، ڀڃ ڊاهه ۽ اهلڪارن تي تشدد جي واقعن تي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سميت ٻين اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ ن جي قيادت خلاف لوهاري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ شهباز شريف، حمزا شهباز شريف، جاويد هاشمي، راجا ظفر الحق، مشاهد حسين، عظميٰ بخاري، سائره افضل تارڙ، مريم اورنگزيب، ڪامران مائيڪل ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي، قتل جي ارادي سميت ٻيون سنگين شقون شامل ڪيون ويون آهن. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي آمد جي موقعي تي جوابدارن ڪارڪنن کي هنگامن لاءِ ڀڙڪايو، جوابدارن جي هدايت تي پوليس اهلڪارن تي حملا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے