20 منگل , نومبر 2018

مني لانڊرنگ ڪيس: حسين لوائي ۽ طحا رضا عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مقامي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيل حسين لوائي ۽ طحه رضا کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ خانگي بئنڪ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي گرفتار جوابدارن خانگي بئنڪ جي سربراهه حسين لوائي ۽ طحا رضا کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي جي شروعات تي جج جوابدار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ٿيو؟ حسين لوائي جي وڪيل ٻڌايو ته سندس اصيل الزام کي بي بنياد قرار ڏنو آهي ۽ سپريم ڪورٽ معاملو ٽرائل ڪورٽ ۾ هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 47 اڪائونٽس آهن جن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي. جوابدارن جي وڪيل عدالت کان جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي حسين لوائي ۽ طحا رضا کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت ايف آءِ اي ۽ ٻين جوابدارن کي 23 جولاءِ لاءِ نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے