20 منگل , نومبر 2018

پي ايس او ۾ 63 ارب رپين جو اسڪينڊل، پنج آفيسر گرفتار

The assets worth Rs 1 billion 30 million from NAB Mushtaq raisani today, referring to Balochistan governmentڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پي ايس او ۾ 63 ارب رپين جو ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، نيب ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ ڇاپا هڻي پنجن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ڪروڊ آئل سپلاءِ  جو ٺيڪو اهڙي  ڪمپني کي ڏنو ويو جيڪا ان لاءِ ڪواليفاءِ نه ٿي ڪري، ڪمپني کان ڪنهن به قسم جو ايڊوانس نه ورتو ويو ۽ سپلاءِ شروع ڪئي وئي. اهڙي نموني ڪمپني کي 63 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو. نيب ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچڻ تي سي اي او ڪامران افتخار، جنرل مئنيجر ريٽيل ذوالفقار جعفري سميت پنجن آفيسرن کي گرفتار ڪيو آهي. جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو ويندو، جوابدارن مان ٻن کي ڪراچي جڏهن ته ٻين کي اسلام آباد ۽ گلگت مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے