15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد : ايڇ آر سي پي ٽاسڪ فورس پاران دهشتگرد واقعن خلاف احتجاج

Hyderabad: HRCP Task Force protests against terrorist incidents* حيدرآباد ۾ ايڇ آر سي پي ٽاسڪ فورس پاران دهشتگرد واقعن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڊاڪٽر اشو ٿاما، ايڇ آر سي پي اڳواڻن اسد اقبال بٽ ۽ ايڊووڪيٽ پروين سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ٻين ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد واقعن خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس آر سي پي اڳواڻن چيو ته عام چونڊن جي مهم دوران آپگهاتي ڌماڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪي پي ۽ مستونگ ۾ ٿيل دهشتگردي جي بدترين واقعن ۾ اميدوارن سميت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

هنن چيو ته مستونگ واقعي واري ڏينهن جي يو آءِ اميدوار سراج دراني جي چونڊ ريلي تي پڻ حملو ٿيو، جنهن ۾ به ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا، ي دهشتگردي جي تازي لهر ۾ 3 سئو کان وڌيڪ شهيد ۽ 5 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

سندن چوڻ هو ته چونڊن ۾ پابندي مڙهيل پارٽين کيچونڊ وڙهڻ وارو موقعو ڏيڻ جو منطقي نتيجو هن قسم جي دهشتگردي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، عوام مستقبل جي جمهوري پاڪستان کي گڏيل جدوجهد سان بچائي سگهي ٿو.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  هنن چيو ته دهشتگرد واقعن  ۾ ملوث دهشتگردن کي منظرعام تي آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے