17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: مستونگ ۾چونڊ جلسي تي آپگهاتي ڌماڪو، سراج رئيساڻي سميت 133 ڄڻا شهيد، 120 زخمي

 At Mastung Inch Jali, Takati Batmano, including 133 pilgrims, including Siraj Raheen, 120 woundedبلوچستان جي علائقي مستونگ ۾چونڊ مهم دوران جلسي ۾آپگهاتي ڌماڪي بعد صوبي ۾سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.

مستونگ جي علائقي درين ڳڙهه ۾بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي چونڊ مهم جي جلسي دوران آپگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾بلوچستان عوامي پارٽي جي پي بي 35 مستونگ جو اميدوار سراج رئيساڻي سميت 133 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 120 ويهه کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

مستونگ ڌماڪي بعد ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ شهيدن ٿيلن جا لاش سول اسپتال بي ايم سي ۾ موجود آهن.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ به مستونگ ڌماڪي کي آپگهاتي قرار ڏنو آهي، ڌماڪي ۾ 16 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو.

ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا مستونگ واقعي جو نوٽيس وٺندي بلوچستان جي نگران وڏي وزير، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سمورن اميدوارن کي بنا فرق سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ چونڊن جي ماحول کي پرامن بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

چونڊ سرگرمين دوران 7 ڏينهن ۾4 دهشتگرد حملا ٿيا، جن ۾ 2 اميدوارن هارون بلور ۽ سراج رئيساڻي سميت 148کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا آهن.

چونڊ سرگرمين دوران ٿيل آپگهاتي ڌماڪن جي پاڪ فوج سميت سياسي سماجي اڳواڻن مذمت ڪندي ڏک ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مستونگ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو دشمن جي جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائيندا، سمورا پاڪستاني گڏجي دشمن قوتن کي شڪست ڏيندا…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …