18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: نصيرآباد: رهواسين جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاج

Nashirabad: The protestor's protest against the non-alteration of the inhabitants*نصير آباد ۾ مختلف پاڙن جي رهواسين پاران سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو اوڍاڻو ۽ شيخ پاڙن جي عباس گل، مشتاق شاهه ۽ ڊاڪٽر گل جي اڳواڻي ۾ رهواسين سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ تي سيپڪو خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته ھفتي کان بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ سبب ٻنھي پاڙن ۾ بجلي ناهي، جنهن سبب هو سخت ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن الزام هنيو ته سيپڪو ايس ڊي او نصيرآباد ۽ عملي ھڪ سازش تحت شيخ ۽ اوڍاڻا پاڙن ۾ ڄاڻي واڻي ٽرانسفارمر خراب ڪري بجليءَ جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي.

هنن چيو ته پاڙي جا ٽرانسفارمر ھٿ وٺي ساڙايا وڃن ٿا، جيئن سيپڪو وارا مرمت جي آڙ ۾ پئسا وصول ڪري پنھنجا کيسا گرم ڪن.

رهواسين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سڙيل ٽرانسفارمر ترت تبديل ڪرائين، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے