17 ہفتہ , نومبر 2018

مستونگ ، پشاور ۽ بنون ۾ آپگهاتي ڌماڪن تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي

In Mastung, Peshawar and Bonn, operational smugglers are sweeping all over the countryمستونگ(ويب ڊيسڪ)مستونگ، پشاور ۽ بنون ۾ آپگهاتي ڌماڪن تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو بھ جهڪيل رهيو.مستونگ ۾ عوامي پارٽي جي سربراهه سراج رئيساڻي جي  چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾  131 ماڻهو شهيد ۽ 115 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.مستونگ سانحي کان پوءِ سڄو ملڪ سوڳوار آهي ۽ سياسي ۽ چونڊ گرميون پڻ معطل ڪيون ويون آهن، ڪيترن ئي پارٽين ۽ اميدوارن جون چونڊ آفيسون ٻئي ڏينهن بھ بند رهيون.پشاور ۾ آپگهاتي حملي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ هارون بلور سميت 22 ڄڻا شهي ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ها، جڏهن تھ بنون ۾ ايم ايم اي جي ڪافلي کي بھ  دهشتگردن پنهنجو نشانو بڻايو جنهن ۾ 5 ماڻهو شهيد ٿيا هئا.فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا شهيد سراج رئيساڻي  جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف چيو تھ شهيد  سراج رئيساڻي محب وطن پاڪستاني هو ، قوم کي دهشتگردي ۽ انتها پسندي جون چئلينجز آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے