20 منگل , نومبر 2018

شاهه رخ خان پاران تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ عورتن لاءِ وڏو قدم

Shah Rukh Khan's big step for women fighting for women's neckممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي خيراتي تنظيم ”مير فائونڊيشن“ تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ عورتن لاءِ وڏو قدم کڻندي انهن جي پلاسٽڪ سرجري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري سبب تمام گهڻي شهرت رکندو آهي، پر سندس زندگي جو  هن پاسي کان تمام گهٽ ماڻهو واقف آهن هو عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ سماجي طور تمام گهڻو سرگرم رهندو آهي. شاهه رخ خان جي خيراتي تنظيم” ميرفائونڊيشن“ جو باني آهي جيڪا تيزاب جو شڪار ٿيندڙ عورتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم آهي. اها فائونڊيشن تيزاب کان متاثر عورتن نه رڳو طبي سهولتون فراهم ڪندي آهي پر انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ به مدد ڏيندي آهي ته جيئن هي عورتون معاشري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سر بلند ڪري سگهن. ويجهڙائي ۾ شاهه رخ خان جي” مير فائونڊيشن“ تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ عورتن لاءِ وڏو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب ميرفائونڊيشن ”اتي جيون“ فائونڊيشن ۽ نيو هوپ اسپتال سان گڏجي ڪري تيزب سبب متاثر عورتن لاءِ پلاسٽڪ سرجري جو بندوبست ڪيو آهي ته جيئن اهي عورتون هڪ ڀيرو ٻيهر عام ماڻهن وانگر معاشري ۾ سر بلند ڪري جيءَ سگهن.  مير فائونڊيشن پاران اها ڪيمپ 13 کان 15 جولائي تائين لڳائي ويندي جنهن ۾ انهن سمورين عورتن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيڪي تيز گردي جو شڪار ٿيون آهي. شروعاتي مرحلي ۾ 44 عورتن جي پلاسٽڪ سرجري ڪئي ويندي. شاهه رخ خان جي پروڊڪشن ڪمپني ريڊ چارلي جي سي اي او وينڪي ميسور جو چوڻ آهي ته اسان جي فائونڊيشن گذريل ڪيترن ئي ورهين کان تشدد جو شڪار عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هي فائونڊيشن متاثرن تان مالي وزن بار گهٽ ڪري کين بهتر طبي سهولتون مُهيا ڪندي آهي. ان کان سواءِ  هي فائونڊيشن رڳو تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ عورتن جي مدد ئي ناهي ڪندي پر ڪمزور ۽ لاوارث عورتن کي روزگار ڏيارڻ ۽ کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد پڻ ڏيندي آهي ۽ ان حوالي سان قانوني مشورا پڻ فراهم ڪيا ويندا آهن ته جيئن هي هڪ بهتر ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهن. واضح رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ شاهه رخ خان کي مير فائونڊيشن ذريعي عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڪرسٽل ايوارڊ سان نوازيو ويو هو ان موقعي تي شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته هن کي  هڪ ننڍڙي ڪم لاءِ ايترو وڏو ايوارڊ وٺندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميتاڀ بچن پاران مسلمانن کي عيدميلاالنبي(ص)جي مبارڪباد

ممبئي(شوبز نيوز بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن مسلمانمن کي جشن عيد ميلادالنبي حضور اڪرم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے